سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن: سنڌ جي هن مشهور سماجي تنظيم جو بنياد 1972ع ڌاري پيو. سنڌ جي پڙهيل لکيل، باشعور طبقي کي يڪجاء ڪري، سنڌ جي تعليم، فلاح، صحت جي مسئلن ۽ ٻين سماجي ڪمن لاءِ ڪوششون وٺڻ جي جذبي تحت ڊاڪٽر سليمان شيخ، شمشير الحيدري، خان محمد پنهور ۽ ٻين ساٿين گڏجي، ننڍي سطح تي سنڌ گريجوئيشن ائسوسيئيشن جو قيام عمل ۾ آندو ۽ سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ (XXI) 1860ع تحت 29 سيپٽمبر 1972ع تي رجسٽرڊ ڪرائي، عملي ڪم شروع ڪيو ويو. اڄ هيءَ تنظيم 9000 کان وڌيڪ گريجوئيسٽ ميمبرن/ رضاڪارن تي مشتمل آهي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن/ ڳوٺن ۾ ’سگا‘ جون 108 شاخون سماجي ترقيءَ ۽ فلاح لاءِ مصروف عمل آهن.
’سگا‘ ابتدا کان وٺي سنڌ ۾ تعليم جي ترقي، صحت جي مسئلن، غربت جي خاتمي، هُنري تربيت، آمدني جا ذريعا پيدا ڪرڻ، هنگامي حالتن ۾ امدادي ڪم ڪرڻ ۽ ثقافتي سرگرمين ذريعي سنڌ جي خدمت لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. تنظيم جا شروعاتي 18 سال ’پنهنجي مدد پاڻ تحت‘ ميمبرن جي گڏيل سهڪار سان گذريا. بعد ۾ ڪجهه سرڪاري مدد ۽ وڏين سماجي تنظيمن جي مالي سهڪار سان مختلف ڪم سر انجام ڏنا ويا. انهن تنطيمن ۾ آئي. ايل. او، يونيسيف، يونيسڪو، CIDA، ورلڊ بئنڪ، ايس. پي. او، آڪسفيم، ٽي. وي. او، سانا، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، ايڪشن ايڊ، آر. ايس. پي. اين، انفاق فائونڊيشن، خوشحالي بئنڪ، يو. ايس. ايڊ ۽ جماڻي فيملي وغيره جو سهڪار شامل رهيو آهي. جن جي سهڪار سان ’سگا‘ تعليم، صحت سميت، ماحولياتي بچاءَ، غربت جي خاتمي، صاف پاڻيءَ ۽ ڊرينيج بابت ڪم، ننڍا قرض ڏيڻ ۽ ثقافتي سرگرمين جو سلسلو قائم رکيو.
سنڌ گريجوئيشن ائسيوسيئيشن جي تنظيمي جوڙ جڪ: ’سگا‘ 220 ميمبرن تي مشتمل ڪائونسل؛ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي 34 ميمبرن ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي 13 ميمبرن تي مشتمل آهي. سگا طرفان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 20 ’روشن تارا‘ اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جتي سستي ۽ معياري تعليم ڏني وڃي ٿي، غريب شاگردن کي اسڪالر شپس ڏيڻ کان علاوه نوجوانن ۽ بالغن جي تعليم تي به عمل ڪيو ويو آهي. مختلف ضلعن ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ ائسوسيئيشن ڪوششون ورتيون آهن، ان کان علاوه ’سگا‘ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن ترقيءَ لاءِ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ مختلف عورتن ۽ نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. ائسوسيئيشن طرفان 4 ڪميپوٽر سينٽر، ٻه عورتن جي ترقي لاءِ مرڪز ۽ ٻه انگريزي سکيا جا سينٽر به قائم ڪيا ويا آهن. ’سگا‘ پاران پهرين ’لطيف نيشنل ڪانگريس‘ جو انعقاد 1978ع ۾ ڪيو ويو ۽ مختلف سيمينارن جي ذريعي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪيو ويو. اهي سيمينار ميرپورخاص، ٽنڊي آدم، ٽنڊي الهيار، سڪرنڊ، بدين ۽ ڪنڊياري ۾ منعقد ڪيا ويا. اڳتي هلي 1981ع، 1994ع ۽ 1998ع ۾ ثقافت ۽ لوڪ فن ۽ هنر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ’ايڪسپو سنڌ‘ جي بينر هيٺ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ نمائشون منعقد ڪيون ويون. 1989ع کي ’سگا‘ طرفان سچل سرمست جو سال ڪري ملهايو ويو ۽ انٽرنيشنل سچل ڪانگريس جو انعقاد ڪراچيءَ ۾ ڪيو ويو. 18کان 28 ڊسمبر 2004ع تي ’شاهه سچل سامي انٽرنيشنل پيس ڪانفرنس‘ ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪئي وئي. ساڳئي سال ڀارت جي 32 اديبن کي سنڌ جو ثقافتي دورو ڪرايو ويو ۽ دادا جشن واسواڻيءَ جو ليڪچر پڻ مارچ 2005ع ۾ ڪرايو ويو.
’سگا‘ جي برانچ آفيس اسلام آباد ۾ به قائم ڪيل آهي، جتي پڻ سنڌي ثقافتي ۽ علمي ادبي پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جا سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي: ڊاڪٽر سليمان شيخ، سگا جي مرڪزي انتظامي ڪميٽيءَ جو چيئرپرسن: ڊاڪٽر رفيق احمد جعفري، وائيس چيئرمين؛ ولي محمد روشن، سيڪريٽري جنرل، غلام مجتبيٰ دايو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان سيال، ماليات سيڪٽريٽري محمد صديق ابڙو، اطلاعات سيڪريٽري ثريا ميمڻ، تعليم ۽ هيومن رسورس ڊولپمينٽ بابت سيڪريٽري؛ پيرل خان کوسو، صحت، زراعت ۽ ماحوليات بابت سيڪريٽري: ياسمين لغاري، عورتن جي ترقي بابت سيڪريٽري طور چونڊيل آهي. جڏهن سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي ٻين سينئر ميمبرن ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين، جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه، علي حسين بروهي، بخش علي لاکو، الطاف حسين ڳورڙ، فضل الله قريشي، نور محمد سيال، عبدالغفار لغاري، تاج محمد وساڻ، غلام نبي سيال، حاجي خادم حسين جويو، جاويد احمد اُنڙ ۽ حميده خاصخيلي شامل آهن.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (خواتين شاخ): نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ ئي وقت سنڌي عورتن جون ڪيئي تنظيمون ڪم ڪري رهيون هيون، جن ۾ گھڻي قدر ساڳيون ئي عورتون ميمبر هيون. انهن تنظيمن ۾ ڊاڪٽر در شهوار جي تنظيم ’اسوا‘، ارشاد قمر جي تنظيم ’مارئي فورم‘، رشيده عبدالله شاهه جي تنظيم ’سرتين سٿ‘ ۽ ’سنڌي عورت تنظيم‘ نمايان هيون، جن جو مقصد ۽ ڪم هڪجهڙو هئڻ جي باوجود اهي ڌار ڌار پنهنجون گڏجاڻيون ۽ فلاحي ڪم ڪنديون هيون. انهيءَ صورتحال کي ڏسندي انهن تنظيمن جي ڪمن ڪارين ۾ مرڪزيت آڻڻ جي خيال کان سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ انهن جي هڪ گڏيل گڏجاڻي ڪري اهو خيال پيش ڪيو ته جيئن ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن هڪ منظم ۽ فعال تنظيم آهي ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي سنڌي عورتون رضاڪارانه طور ڪم ڪن ٿيون، ان ڪري هو اهو پليٽ فارم سنڌي عورتن جي سڀني تنظيمن کي آڇي ٿو ته جيئن سڀئي گڏجي اتان ساڳيو ڪم ڪري سگھن. ائين سگا ۾ خواتين ميمبرن کي شامل ڪندي، انهن تنظيمن مان فعال عورتن کي کڻي، سگا جي خواتين شاخ قائم ڪئي وئي ۽ انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ عام راءِ جي روشنيءَ ۾ ان جي پهرين صدر محترمه رشيده عبدالله شاهه ۽ پهرين سيڪريٽري ڊاڪٽر فهميده حسين کي چونڊيو ويو. ٻين عهديدارن ۾ مارئي فورم مان ارشاد قمر، سلطانه وقاصي، انيس گھانگھرو ۽ سگا مان نسيم روبي سومرو، شبنم موتي، زرينه ڀٽو ۽ ڪي ٻيون خواتين شامل ٿيون. ابتدا ۾ انهيءَ نئين تنظيم ڪراچيءَ ويجھو سمنڊ ۾ بابا ڀٽ ٻيٽ تي رهندڙ سنڌي ڪميونٽيءَ جي سهائتا جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ ٽن ڏينهن ۾ اتي لڳل باهه جي متاثرين جي گھڻي مدد ڪئي. مسز عبدالله شاهه جي سربراهيءَ ۾ ان جو هڪ وفد دادوءَ ويو ۽ پوءِ اتي جي پٺتي پيل علائقن ۾ عورتن لاءِ انڊسٽريل هوم ۽ هنري ادارن جي قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، جن مان هڪ ۾ مسز اقبال نالي خاتون کي انچارج مقرر ڪيو ويو. 1991ع ۾ مسز اقبال ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين سگا خواتين شاخ پاران آمريڪا ۾ ٿيندڙ ’سانا‘ (Sindhi Association of north America) جي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪري سنڌ جي غريب عورتن جو هنر پيش ڪيو ۽ فنڊ گڏ ڪيا. هن دوري ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين سگا کان ٽڪيٽ وٺڻ بدران پنهنجي خرچ تي پرڏيهه وئي ته جيئن اهي پئسا بچائي فلاحي ڪمن ۾ ڪتب آڻي سگھجن. سگا جي منشور مطابق ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿي، جنهن ۾ صدر طور ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ سيڪريٽري طور شبنم موتي چونڊيون ويون، ايندڙ ٻن سالن ۾ سگا مرڪز سان گڏجي عورتن جي ڀلائيءَ جي ڪيترن ئي پراجيڪٽن تي ڪم ڪيو. جنهن ۾ تعليم ۽ صحت جي حوالي سان مظهرالدين ميمڻ جي سهڪار سان ڪم ڪيو ويو. ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ۾ مهتاب اڪبر راشدي صدر ۽ شبنم موتي جنرل سيڪريٽري چونڊيون ويون، جن سنڌي عورتن کي خودڪفيل بڻائڻ لاءِ هنري ٽريننگ پروگرام ۽ ورڪشاپ رٿيا ۽ ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ دادو ۾ اهڙا ڪورس ٿيا، جن ۾ عورتن کي هنري سکيا ڏني وئي. ان کانپوءِ هن تنظيم جون صدر عاليه سومرو، ڊاڪٽر ممتاز جبار ميمڻ، مهتاب اڪبر راشدي رهيون آهن.
مختلف وقتن تي هن تنظيم کي چڱا فنڊ به مليا، شروعات ۾ سنڌ جي ان وقت جي وزير اعليٰ سيد عبدالله شاهه ڏهن لکن جي گرانٽ ڏني، جنهن کي فڪسڊ ڊپازٽ ۾ رکائي منافعي مان ڪم هلايو ويندو هو. ان کانپوءِ عاليه سومرو جي صدارت واري دؤر ۾ سنڌ جي ان وقت جي گورنر محمد ميان سومري پڻ ويهه لک روپيا گرانٽ ڏني. هن وقت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪز جي هن تنظيم سان گھڻي وابستگي نه رهي آهي ۽ گھڻو تڻو هيءَ تنظيم خود مختيار تنظيم بڻجي چڪي آهي.


لفظ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو